SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


دفاعي معاملن بابت سهمتيءَ جو اقرار نامو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


دفاعي معاملن بابت سهمتيءَ جو اقرار نامو

DMU Defense Memorandum of Understanding

ڊفينس ميمورينڊم آف انڊراِسٽئنڊنگ

دفاعي معاملن ۾ سهڪار جوهڪ سهمتي نامو، جيڪو ڪن به اتحادي ڌُرين جي وچ ۾ طئي ڪيو ويندو آهي. اهڙي سهمتيءَ جي نتيجي ۾ لاڳاپيل ڌُريون دفاعي معاملن ۾ تحقيق، ترقي، پيدواري عمل ۽ دفاعي هٿيار/ اوزار خريد ڪرڻ ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي سلسلي جوڳا اپاءَ وٺنديون آهن. هن قسم جا سهمتي – ناما اڪثر ڪري هيڻين رياستن کي علائقائي سالميت جي خاطري ڪرائڻ ۽ سگهارين رياستن کي مخصوص خطن ۾ پنهنجو فوجي ۽ سياسي اثر وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. البته هڪ- ڪري طاقت رکندڙ ڌُرين جي وچ ۾ اهڙي سهمتي هٿيارن جي ڪاروبار جو وسيح نيٽ – ورڪ قائم ڪرڻ ۽ دفاعي پيدوار کي معاشي اڳڀرائيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. اولهه جي مُلڪن ۾ اهڙي سهمتي هٿيارن جي صنعت تي سندن هڪ – هٽي قائم ڪرڻ کان سواء ،ِ سياسي اثر وڌائڻ ۽ ايڪسپورٽ منجهان تمام گهڻو ناڻو ڪمائڻ ۾ اهم محرڪ ثابت ٿي آهي.


Remember Me Also:

يف

يَفُ جمع يَفَ

ذ . صفت. تمام پوڙهو، ٻڍو، جهور، ڪراڙو، جهونو. ضعيف، ڪمزور، ڏٻرو، بي طاقت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal